GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخوا حڪومت جي ڪارڪردگي تي وائيٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ حڪومت صوبي ۾ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو: عطاءُ الله تارڙ

image

لاهور- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخوا حڪومت جي ڪارڪردگي تي وائيٽ پيپر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ عوامي مسئلن تي ڪنهن جو ڌيان ناهي، پي ٽي آءِ حڪومت صوبي ۾ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته عوامي مينڊيٽ تحت وفاق ۾ مخلوط حڪومت وجود ۾ آئي، سمورين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي منشور تحت اليڪشن ۾ حصو ورتو، سياسي پارٽين پنهنجي منشور تحت عوام سان ڪجهه واعدا ڪيا هئا، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن)، خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي کي پاڪستان جي عوام مينڊيٽ ڏنو، سياسي پارٽين عوام کي باور ڪرايو ته عوام جي مسئلن جو حل اسان وٽ آهي، هر سياسي پارٽي جي منشور ۾ عوام تي سڄو ڌيان هوندو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي 11 سال ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخوا ۾ مالياتي بدعنواني ۽ بي ضابطگين ۾ اضافو ٿيو، ڪي پي ڪي ۾ 152 ارب روپين جون مالي بي ضابطگيون ٿيون، فرضي ڪمپنين کي اشتهارن جي مد ۾ اربين روپيا جاري ڪيا ويا، صحت جي شعبي لاءِ مختص ٿيل فنڊن کي سياسي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو ويو. عطا الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري خزاني مان اربين روپيا سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا لاءِ ڏنا ويندا آهن ۽ سوشل ميڊيا کي ادائيگي فرضي ڪمپنين جي نالي تي ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جو مجموعي خسارو 725 ارب روپيا آهي جنهن ۾ 51 ڪروڙ روپين جي شڪي ادائيگي ٿي جڏهن ته قرض جو بار 75 ارب روپيا آهي، جيڪڏهن ان خساري کي نه منهن ڏنو ويو ته 2030ع تائين اهو خسارو 2555 ارب رپيا ٿي ويندو. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ گڊ گورننس ۽ مالياتي انتظام جي ضرورت آهي، اتي جي عوام محب وطن پاڪستاني آهي، پاڪستان جي محبت سان ٽمٽار ماڻهو آهن، هي انهن کان ڪهڙي ڳالهه جو بدلو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي مان ڪڍي معاشي استحڪام طرف آندو ۽ هاڻي ملڪ ترقي جي راهه تي وڌي رهيو آهي، گذريل سال مهانگائي 32 سيڪڙو تي هئي، جيڪا هن سال 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇا خيبرپختونخوا حڪومت جي ذميواري ناهي ته هو پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون ٺاهي؟ پوري ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڪي پي ڪي ۾ ڇو نه ٿي رهيون آهن؟ پنجاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، ان جي مثبت پاليسين جي ڪري کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا، اسان کي نصيحتون ڪندڙن جي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت سمورين يونيورسٽين کي ايڇ اي سي مان ڪڍي وزيراعليٰ جي ماتحت ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ تعليمي شعبي کي تباهه ڪيو ويو، خيبرپختونخوا ۾ استادن کي پگهار نه ملي رهي آهي ۽ اهي رستن تي آهن. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ميڊيڪل ڪامپليڪس جو اسڪينڊل به سامهون آيو جتي غير قانوني مقرريون ٿيون، ڪي پي ڪي جي حڪومت ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته صوبائي حڪومت جو بنيادي ڪم امن امان کي برقرار رکڻ آهي، خيبرپختونخوا ۾ جيڪڏهن پوليس سڌارا ٿين ها ته اڄ اتي لاقانونيت نه هجي ها، ڇا صوبي جو امن امان قائم رکڻ فوج جي ذميواري آهي يا پوليس جي؟ خيبرپختونخوا ۾ پوليس ريفارمز ڪٿي نظر نه آيا جڏهن ته سياسي جلسن ۽ ڌرڻن ۾ 1122 جي گاڏين کي استعمال ڪيو ويو، ڳالهيون ۽ ڪاهه ڪرڻ سان عوام جو پيٽ نٿو ڀرجي. هن چيو ته ڪرم ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي دل ڏکويل آهي، جڏهن ڪرم ۾ باهه لڳي ته ان وقت سڀني کان وڌيڪ ڌيان جي ضرورت ڪرم کي هئي، پر خيبرپختونخوا جي حڪومت اسلام آباد تي ڪاهه ۾ مصروف هئي، اوهان پهرين پنهنجو گهر ٺيڪ ڪريو ها، پوءِ حملا ڪريو ها، خيبرپختونخوا حڪومت ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالياتي بي ضابطگين جي حوالي سان ڪي قدم نه کنيا. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ صحافين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، صوبي ۾ ٽمبر مافيا سرگرم آهي، هنن وٽ ٽمبر مافيا اسڪينڊل ۽ فيڪ ڊرائيونگ لائسنس اسڪنڊل جو ڪو به جواب ناهي، مس گورننس، ڪرپشن ۽ مالياتي بدانتظامي جو انهن وٽ ڪو جواب ناهي، هنن 11 سال جي عرصي ۾ صوبي کي تباهي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو آهي. عطا الله تارڙ چيو ته صوبي جو سڀ کان وڏو دشمن علي امين گنڊاپور ۽ سندس پارٽي ۽ پارٽي قيادت آهي، جيستائين اها صورتحال درست نه ٿيندي، خيبرپختونخوا جي عوام ۽ صوبو خوشحال نه ٿيندا. پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ئي رياست کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال معاشي حالتون وڌيڪ بهتر آهن، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي هدفن کي ساراهيو پيو وڃي، رياستن وچ ۾ لاڳاپا سفارتي قدرن تي ٻڌل هوندا آهن، پي ٽي آءِ جي سياسي نعريبازي ” اسان ڪي غلام آهيون“ کان شروع ٿي ۽ ختم ”اسان جي مدد ڪريو“ ته ٿي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته معاملا ڳالهين سان اڳتي وڌن، اسان سياسي ماڻهو آهيون، افهام و تفهيم تي يقين رکون ٿا. پي ٽي آءِ باني پنهنجي چونڊ مهم دوران جڏهن ڪنٽينر تان هيٺ ڪريو ته اسان پنهنجي اليڪشن مهم معطل ڪئي، سندس تيمارداري لاءِ وياسين، پي ٽي آءِ سياسي چالبازي ڇڏي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستان جي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪريون، اسان چاهيون ٿا ته ڳالهين سان معاملا اڳتي وڌن ۽ معاملا حل ٿين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا کي امن امان، صحت ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڳالهين جو مقصد ڪنهن کي ڍر يا اين آر او ڏيڻ ناهي پر ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺهي چڪي آهي جيڪا ڳالهيون ڪندي.

مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں