GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ملڪ جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڌرڻي ۽ احتجاج جي سياست ملڪي مفاد ۾ نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري لازمي آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻو آهي تڏهن ئي قرض ۽ آءِ ايم ايف جي ڄار مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، ڌرڻي ۽ احتجاج جي سياست ملڪي مفاد ۾ نه آهي. هو نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن، آرمي چيف ۽ ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن، محنت ۽ اخلاص سان آهستي آهستي ملڪي معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، وفاق، صوبن، ادارن ۽ آرمي چيف جو ان ۾ وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ڪيستائين آءِ ايم ايف جي پروگرام تي ڀاڙينداسين. موجوده پروگرام جي لاءِ سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات ڀرپور ساٿ ڏنو، اسان کي آءِ ايم ايف ۽ قرضن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻو پوندو، ان جي لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي، هن وقت کربين رپين جي ٽيڪس ۽ بجلي چوري ٿي رهي آهي اسان کي ان کي روڪڻو آهي، گردشي قرض، لائين لاسز مان نڪرڻو آهي، ان جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ملڪي اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسان جي 8 مهينن جي حڪومت جي دور ۾ ڪا ڪرپشن يا فراڊ سامهون ناهي آيو، اندروني ۽ ٻاهرئين دشمينن کي ڪو موقعو هٿ نه آيو، اهو عوامي خدمت ۽ سٺي گورننس جو مثال آهي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ سنڌ حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن اهڙي طرح زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ پنجاب جي وزيراعليٰ اڳرائي ڪئي آهي، خيبرپختونخواهه جي ڪابينا پڻ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اميد آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان به جلد ان تي عمل ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ريڪوڊڪ ۽ چنيوٽ منصوبي تي غيرضروري ڪيسن سان اربين رپيا ضايع ٿيا ملڪ ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته اهو مشڪل ڪم ضرور آهي جڏهن ته ان کانسواءِ دنيا جي ڪا قوم ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهي. جاپان ۽ جرمني تباهي کانپوءِ 50 سالن ۾ محنت، امانت ۽ ديانت سان ترقي جي بلندين تي پهچي ويا آهن، پاڪستان ته الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪڏهن گهٽتائي آهي ته عزم جي آهي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي. ملڪ مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو ته ڪو دشمن ميري اک سان پاڪستان طرف نه ڏسي سگهندو. هن چيو ته 5 آءِ پي پيز سان پاور بابت ٽاسڪ فورس جي ڪوششن سان معاملا طئي ٿيا، هڪ ٻئي گروپ سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام 77 سالن ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن هاڻي اشرافيه جو وارو آهي جن کي هن ملڪ تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ايف بي آر پاران ڪيترائي جعلي اڪائونٽ پڪڙيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪي ترقي جون ڪوششون امن جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي سان واڳيل آهن، نواز شريف جي دور ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين ۽ عسڪري ادارن جي مشاورت سان قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو جنهن سان 2018ع ۾ دهشتگردي جو ناسور ختم ٿي ويو هو، دنيا ان ڪاميابي تي حيران هئي، اسان 80 هزار جانين جي قرباني ڏئي ۽ 130 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪري اها ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ٻيهر اهڙو ڇا ٿيو جو ان لعنت ٻيهر ڪَر کنيو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ روزانو دهشتگردي جو ڪو نه ڪو واقعو ٿي رهيو آهي، ان ناسور جو خاتمو نه ڪيو ته ملڪي ترقي جون اسان جون ڪوششون ضايع ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته ملڪي ترقي، يڪجهتي ۽ سياسي اتحاد دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ بي ايل اي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، اها بدترين درندگي آهي، اسان وٽ ان جو ڪنڌ ڪچلڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هن چيو ته اسان جو مسئلو نمبر ون دهشتگردي جو خاتمو آهي، ٻيو ۽ ٽيون مسئلو به اهو ئي آهي. ان جو خاتمو لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سڀني کي عزيز آهي، ان جي لاءِ غور ڪرڻو آهي ته ڇا ڌرڻا ۽ احتجاج پاڪستان جي مفاد ۾ آهن؟ هن چيو ته يقينن ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي، ان بابت ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں