GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پي ايس ڊي پي جي منصوبن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي: احسن اقبال

image

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي ۾ منصوبن کي صوبن جي بنياد تي تقسيم ناهي ڪيو ويندو پر انهن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي، پي ٽي آءِ جي آخري سال ۾ کپت تي ٻَڌل گروٿ ذريعي پاڪستان جي ڪرنسي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو، انهن جي اثرن مان اسان اڃا نه نڪري سگهيا آهيون.. پيرس معاهدي تحت سمورن منصوبن لاءِ گائيڊ لائنز ڏنيون ويون آهن، ماضيءَ ۾ ننڍن ننڍن منصوبن سان ديامير ڀاشا ڊيم، ڪي فور ۽ شاهران جا اهم منصوبا متاثر ٿيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران اسد قيصر، شرميلا فاروقي، شهزاده گستاسپ خان ۽ ٻين جي سوالن تي احسن اقبال ايوان کي ٻُڌايو ته 18هين ترميم کانپوءِ پي ايس ڊي پي جو ڪردار محدود ٿي ويو آهي، اڪثر معاملا جن جو تعلق علائقائي ۽ مقامي ترقيءَ سان هو، اهي موضوع ۽ معاملا صوبن کي منتقل ٿيا آهن، پهريان صوبي کي 40 ۽ وفاق کي 60 سيڪڙو حصو ملندو هو، هاڻي صوبن کي 58 ۽ وفاق کي 42 سيڪڙو حصو ملندو آهي. ميگا انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ وفاق وٽ فنڊز گهٽ هوندا آهن، 2018ع کان 2022ع جي وچ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ مس مئنجمينٽ ڪئي وئي ۽ سياسي بنيادن تي منصوبا شروع ڪيا ويا، جنهن سان 40 سيڪڙو پي ايس ڊي پي صوبائي منصوبن جي نظر ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڪي فور، ديامير ڀاشا ڊيم ۽ ٻين وڏن منصوبن لاءِ 60 سيڪڙو پي ايس ڊي پي رهجي وئي آهي. هن چيو ته پي ايس ڊي پي جي صوبن جي بنياد تي ناهي پر آئين جي مطابق تقسيم ٿيندي آهي. وفاقي حڪومت وٽ پاور، اين ايڇ اي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، پيٽروليم ۽ هائر ايجوڪيشن ۾ وفاقي پي ايس ڊي پي رهجي وئي آهي. 13ع ۾ اسان صوابي ۾ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو، اهڙيءَ طرح خيبر يونيورسٽيءَ ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جو منصوبو پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو. اسد قيصر جي سوال تي هن چيو ته 18ع کان 22ع تائين 40 سيڪڙو پي ايس ڊي پي صوبن کي ڏني وئي جنهن سان وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ منصوبن لاءِ مختص ڪيل فنڊ جو ڪاٿو گهٽ ٿي ويو، مخالف ڌر اڳواڻ جي سوال تي هن چيو ته 18ع ۾ جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ته ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا ڇڏي ويا هئاسين، 6 سالن کانپوءِ هاڻي اهو 1100 ارب رپين تائين پهچي ويو. 13ع کان 18ع تائين رڪارڊ ترقياتي پروگرام ٿيا. پي ٽي آءِ دؤر ۾ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو گهٽ ٿي 700 ارب رهجي ويو هو. پاڪستان جي ترقيءَ جي تباهي جي جيڪڏهن ڪا حڪومت ذميوار آهي ته اهي هي ماڻهو آهن. شرميلا فاروقي ۽ ٻين جي سوال تي احسن اقبال ايوان کي ٻُڌايو ته پيرس معاهدي تحت منصوبن لاءِ گائيڊ لائنز ڏنيون ويون آهن. منصوبا بندي وزارت ۾ به سمورن منصوبن ۾ ماحوليات کي پي سي ون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شازيه مري جي سوال تي هن چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل قومي ادارو آهي، سمورا وڏا وزير ان جا ميمبر آهن، جيڪو ترقياتي بجيٽ منظور ٿيندو آهي اهو نيشنل ڊولپمينٽ آئوٽ لي مطابق منظور ٿيندو آهي. مقامي ترقيءَ بابت معاملا صوبن کي منتقل ٿيا آهن، 60 سيڪڙو وسيلا به صوبن کي منتقل ٿيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ـ اهي منصوبا متاثر نه ٿين. ڪائونسل فيصلو ڪيو آهي ته مستقبل ۾ وفاقي حڪومت صرف انهن منصوبن کي وٺندي جن لاءِ صوبا 50 سيڪڙو فنڊز ڏيندا. شهزاده محمد گستاسپ خان جي سوال تي احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت وٽ ترقيءَ جو هڪ مخصوص ۽ محدود اسڪوپ رهجي ويو آهي. پاور، پيٽروليم، اين ايڇ اي ۽ سول ايوي ايشن جهڙا شعبا وفاقي حڪومت جي دائره ڪار ۾ رهجي ويا آهن. ترجيح اها آهي ته اهڙن منصوبن کي پورو ڪيو وڃي جنهن سان قومي ترقيءَ جو عمل تيز ٿئي. ان کان علاوه قومي ترقيءَ جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هاڻي قومي ترجيحن جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں