لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريءَ ۽ ڀرپاسي مٿئين علائقن ۾ غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌيڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، ڪيترن ئي ما??هن جون جانيون ضايع ٿيون، مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار ما??هن کي مريءَ ۽ مٿئين علائقن جي سفر کان منع ڪندي رهي، وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج متاثر علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ڪيو ويو آهي، ما??هن جي انخلا جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته هڪ هفتي کان مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار چوندي رهي ته مريءَ ۽ مٿئين علائقن ۾ موسمي صورتحال خراب آهي، ما??هو سفر کان پاسو ڪن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سخ?? برفباري جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌيڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، انهن علائقن ۾ ما??هن جون جانيون به ضايع ٿيون. جاني نقصان تي پوري پاڪستان جا ما??هو ڏکويل آهن. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺندي پنج??ب جي وڏي وزير کي مريءَ پهچڻ جي هدايت ڪئي، پنج??ب جو وڏو وزير مريءَ روانو ٿي ويو آهي. هن چ??و ته انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج مريءَ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ٿي ويو آهي، ما??هن جي انخلا جو عمل جاري آهي. هن چ??و ته نٿيا گلي طرف خيبرپختونخواهه حڪومت به سمورا رستا کولي ڇڏيا آهن، پنجاب حڪومت به متاثر ما??هن جي لاءِ سمورا گيسٽ هائوس کولي ڇڏيا آهن. چوڌري فواد حسين چ??و ته مختصر وقت ۾ وڌيڪ ما??هو انهن علائقن طرف ويندا ته مسئلا پيدا ٿيندا، ڪنهن به انتظاميا جي لاءِ اهڙي اوچتو صورتحال کي هينڊل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. هن چ??و ته ميڊيا مضبوط فورم آهي، ميڊيا ما??هن کي مٿئين علائقن جي صورتحال کان آگاهه ڪري، هن وقت سمورن مٿئين علائقن ۾ تمام گهڻي رش آهي، اتي وڌيڪ ما??هن جي گنجائش نه آهي. هڪ سوال تي هن چ??و ته پي ٽي آءِ جو ميمبر صداقت علي عباسي هن وقت مريءَ ۾ موجود آهي. هن چ??و ته حڪومت پوري طرح الرٽ آهي، اسان ما??هن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چ??و ته مريءَ ۽ مٿئين علائقن ۾ گاڏيون هفتن يا مهينن ۾ داخل ناهن ٿيون، 24 ڪلاڪن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ گاڏيون داخل ٿيون، انتظاميا هنگامي قدم کنيو ۽ وڌيڪ گاڏين جي داخلا بند ڪئي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿئي، اسان کي ان معاملي مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو.