اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي، اقليتن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي ??اء?? حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بين المذاهب هم اهنگي جي فروغ ??اء?? مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيلا رام ڪيولاڻي جي قيادت ۾ قومي اقليتي ڪميشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير ??زا??، جي پال ڇابڙيه، مفتي گلزار نعيمي، ويشنو راجا، ڊاڪٽر ساره صفدر ۽ قومي اقليتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر شامل هئا. صدر چيو ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي. حڪومت اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال جي ??اء?? ڀرپور ڪوششون ??ري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت اقليتن جي ??اء?? سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي. اقليتن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي ??اء?? حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اقليتي اڳواڻ پنهنجي ڪميونٽي ۾ نوجوانن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ تي راغب ڪن. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو. رياست اقليتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. ملڪي ترقي جي ??اء?? هڪ ٺوس ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لازمي آهي. هن چيو ته حڪومت اقليتي برادري جي شاگردن کي تعليم وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري رهي آهي. ڪامياب جوان پروگرام تحت اقليتي برادري جا نوجوان ۽ عورتون ??اروبار جي ??اء?? قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ??اء?? مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته قومي اقليتي ڪميشن بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي فروغ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد صدر کي اقليتن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي مسئلن جي حل ??اء?? ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد اقليتن جي حقن جي تحفظ ??اء?? ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.