اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي وزيراعظم عمران خان اڄ به پاڪستان جي عوام ۽ دنيا ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، جڏهن ڪو به عالم دين واعدي خلافي ??ندو آهي ته اهو ناقابل معافي ??وهه هوندو آهي، پنهنجي عمل سان ??ول??نا فضل الرحمان ثابت ڪيو ته کيس صرف اسلام جي ٺيڪيداري گهرجي ۽ اسلام جي اصولن س??ن سندس ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه آهي، جنهن بغاوت جو جلسي ۾ اعلان ڪيو ويو اهو آئين س??ن غداري آهي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو اڄ ??ول??نا کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪري ورتو ۽ ثابت ڪيو ته انهن جي آواز تي عوام لبيڪ چوڻ لاءِ تيار نه آهي، ملين جي دعويٰ ڪندڙن جي ملين جي ڳالهه دم ٽوڙي وئي آهي ۽ هو پنهنجو پاور شو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو.