ڪراچي – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت تمام گهٽ مدي ۾ ايل اين جي جي صورت ۾ توانائي جي سستي ذريعي کي متعارف ڪرايو، پورٽ قاسم تي ايل اين جي ??رمينل 330 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿيو آهي، رڪارڊ مدي ۾ منصوبو مڪمل ڪرڻ موجوده حڪومت جي امتيازي وصف آهي جنهن جو بنيادي مقصد عوام کي وڌ کان وڌ سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻائڻ آهي، ايل اين جي جي درآمد سان قومي معيشت کي ساليانو 1.5 ارب ڊالر ج?? فائدو پهچندو جڏه?? ته مهانگي فرنس آئل بدران سستي ايل اين جي جي استعمال سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پورٽ قاسم تي ايل اين جي ??رمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.