لنڊن -28 آڪٽوبر (اي پي پي)والاريل ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 77 سال مڪمل ٿيڻ تي برطانيه سميت يورپ جي مختلف شهرن ۾ ترسيل ڪشميرين ۽ انهن جي حامين ڪارو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڀارت عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير جي تڪراري علائقي تي قبضو ڪيو. لنڊن ۾ احتجاجي مظاهرو برطانوي وزيراعظم جي آفيس 10 ڊائوننگ اسٽريٽ کان شروع ٿيو ۽ ڀارتي هاءِ ڪميشن تي پڄاڻي تي پهتو. تحريڪ ڪشمير برطانيه ۽ آل پارٽيز انٽرنيشنل ڪشمير ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي صدر فهيم ڪياني مظاهري جي قيادت ڪئي. مظاهرين هاءِ ڪميشن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي نالي هڪ يادداشت جمع ڪرائي جنهن ۾ هن تي زور ڀريو ويو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري لاءِ تيار ٿئي. آل پارٽيز انٽرنيشنل ڪشمير ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي سيڪريٽري جنرل انعام الحق ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي تحريڪ کي غيرقانوني طور ڀارتي قبضي مان آزادي لاءِ هڪ جائز ۽ عالمي حمايت يافته جدوجهد قرار ڏنو. هن آزادي پسندن جي گرفتارين ۽ انهن کي بدنام ڪرڻ ذريعي ڄمون ڪشمير ۾ قبرستان جي خاموشي مڙهڻ تي ڀارت جي مذمت ڪئي. تحريڪ ڪشمير اوسلو، بارسلونا، ڪوپن هيگن، گلاسگو ۽ بريشيا سميت يورپ جي وڏن وڏن شهرن ۾ به ريلين ۽ ڪانفرنسن جو بندبست ڪيو.