اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا جي وبا جي دوران ڪاروباري بر??دري ۽ معاشري جي ڪ??زور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو، واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏ??ي وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪ??ن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪ??و جنهن چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت واپارين کي مسقابقتي ۽ منصفاڻو ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران ڪاروباري بر??دري ۽ معاشري جي ڪ??زور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ڏنو ته اها واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ترقياتي ڪ??ن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. وفد حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي خاص طور تي اوڳاڙين جي وصولي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن ص??ر کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صدر يقين ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.