اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته نئين گهڻ ماڙ هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي ل??ءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ۽ وفاقي حڪومت جي ملازمن جي ل??ءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ سمورن ??مڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) بابت معاملن جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر ملازمن کي بهترين رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي ڪاربند آهي. ان مقصد جي ل??ءِ پي ڊبليو ڊي کي هڪ سمارٽ ۽ موثر تنظيم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي حڪومت جي سمورين هائوسنگ يونٽس جي مناسب سارسنڀال کي يقيني بڻائين. هن اها به هدايت ڪئي ته نئين عمودي هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي ل??ءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ملازمن جي ل??ءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراههمي کي يقيني بڻائن ل??ءِ سمورن ??مڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي، اجلاس ۾ هائوسنگ واري وزير چوڌري طارق بشير چيمه، منصوبابن??ي واري وزير اسد عمر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، هائوسنگ واري پارلياماني سيڪريٽري تاشقين صفدر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن ??رڪت ڪئي.