اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان نسل کي اسلامي تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر اي??ري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي اولهه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت المقدس جي تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صلاح الدين ايوبي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آگاهي ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصوبي صلاح الدين سيريز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. سيريز تي منصوباب??دي مڪمل آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ سال اپريل ۾ ڪيو ويندو.