اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم سردار سڪندر حيات خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته سڪندر حيات خان آزاد ڪشمير جي سياست ۾ وڏ?? مقام رکندو هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀرجي نه سگهبو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي بيان ۾ چي?? ته ڪشميري عوام جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سردار سڪندر حيات خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اسد قيصر الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ڪئي.