اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار عامر شڪيل جندران کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته جهلم ضلعي جي تع??قي پنڊ دادن خان جي ڳوٺ پنڊي سيدپور جو جوان نائب صوبيدار عامر شڪيل جندران وزيرستان ۾ ذميواريون سرانجام ڏيندي شهيد ٿيو، 17 گوليون ڇاتيءَ ۾ لڳيون. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته جهلم جا قبرستان انهن شهيدن جي رت سان مهڪن ٿا. وطن جي مٽيءَ گواهه رهجان، اسان کي توهان تي فخر آهي.