اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ٽرينڊز هلائيندڙ ?? ان جو دفاع ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦ??رائي رهيا آهن، عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏهن ادارا ??ضبوط هجن، اسان کي ا??له جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ۾ اسان جي چوڌاري قلعو بڻائي بيٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيلا ادارا ??اهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آهي ته اڄ ان جو دف??عي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي ا??ميت سان روشناس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.