اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ??قليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت ر??ي ٿي. اقليتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احتر??م ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معا??ري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ??مهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.