لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿي?? جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم ??مر??ن خان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي جي طرز تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپين جي لاڳت سان 1500 پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن، اهي 1500 واٽر فلٽريشن ??لانٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿي??دا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن ??لانٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پاڻي ڪمپني“ واعدن، نعرن ۽ دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي لاڳت سان رڳو 116 واٽر فلٽريشن ??لانٽ لڳايا ويا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن ??لانٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت هڪ واٽر فلٽريشن ??لانٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي کارو پاڻي آهي اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فلٽريشن ??لانٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃن. کاري پاڻي وارن علائقن ۾ هڪ هزار پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ??مر??ن خان پيئڻ جي صاف پاڻي کي شهرين جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿي??دو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ??مر??ن خان سڀاڻي مينگروز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم ??مر??ن خان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.