اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ??ه وزيراعظم عمران خان هر فورم تي ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير جو حق ادا ??يو، مودي جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم مذمت جوڳا آهن جنهن ۾ ڪشمير جي حيثيت جو خاتمو ڪري لاڪ ڊائون لڳائي 80 لک ڪشميرين کي والاريل وادي ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به وڌيڪ سختيون ڪيون ويون، ڪشميرين کي ظلمن جو نشانو بڻائي انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ويون. اهي ??مورا قدم مذمت جوڳا آهن جنهن کي پاڪستان پوري دنيا ۾ بي نقاب ڪيو. استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان هر پليٽ فارم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشمير ۾ مودي جا ظلم ۽ ستم دنيا جي سامهون رکيا. چاهي ??هو گڏيل قومن جو فورم هجي يا او آءِ سي هجي يا چاهي ??ها ??ن وقت جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات هجي، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو حق ادا ??يو. ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ پرامن ج??وج??د آهي، حريت اڳواڻن جون بي پناهه قربانيون آهن، بره??ن واني جهڙن ڪشمير جي شهيدن ڪشمير جي آزادي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ حريت اڳواڻن تڪليفون برداشت ڪيون آهن، هن چيو ته هزارين ڪشميرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، ڪشميرين جي پرامن حمايت جاري رکنداسين ۽ اسان جو اهو دنيا کان مطالبو آهي ??ه هو مودي جي آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ جي کلي مذمت ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??ري. پاڪستان به هر سطح تي ڪشميرين جي لاءِ آ??از بلند ڪندو رهندو، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس نٿو وٺي تيستائين مودي سرڪار سان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.