اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيور??ٽي?? تي زور ڏنو آهي ته شاگردن کي سستي ۽ آسان تعليم جي فراهمي جي لاءِ هائبرڊ تعليم جي حصي ۾ اضافو ڪن، سائبر وار فيئر سان پيدا ٿيندڙ مستقبل جي سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي جديد آءِ ٽي صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ پ??ڪس??ان ان??ٽي??يوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پ??ڪس??ان ان??ٽي??يوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين محمد نعيم، ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا، ڊينز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ريڪٽر ڊاڪٽر ناصر مجيد مرزا ملڪ ۾ پيشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ اداري جي ڪردار ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ان??ٽي??يوٽ مختلف شعبن ۾ تعليمي ۽ تربيتي پروگرام من??قد ڪري رهيو آهي، فزڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جهڙن شعبن ۾ 5000 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. صدر ان??ٽي??يوٽ جي ڪاميابين خاص طور تي ملڪ جي سائنسي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته يونيور??ٽي??ن تحقيق جو ميدان وسيع ڪرڻ ۽ جديد دور جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ شاگردن جي فڪري ترقي تي ڌيان ڏين. صدر ??ونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته هو شاگردن جو تعداد وڌائي ته جئين هو ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، هن چيو ته سٺي شهرت جي عالمي يونيور??ٽي?? جي مهارت، تحقيق مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.