ڪراچي – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين ت?? زور ڏنو آهي ته اهي صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائين ۽ عوام تائين پهچ وڌائڻ جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ان فائدو کڻن، قومي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو خطي جي ??ين ملڪن جي ??قابلي ۾ تمام گهٽ آهي، تيزي سان واڌويجهه حاصل ڪرڻ جي ??اءِ عوامي سطح تي بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ آگاهي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي انشورنس محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتم??م هيٺ ”انشورنس سيڪٽر جي ترقي ۾ محتسب جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت پنهنجي سوشل سيفٽي نيٽ، سرڪاري شعبي ۾ صحت جي خدمتن جي ??راهمي، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي صورت ۾ معاوضي جي شڪل ۾ سماجي تحفظ ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي پر ملڪ جي ??وري آبادي کي فائدو پهچائڻ جي ??اءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته صحت جا خرچ خاص طور تي گهٽ آمدني واري طبقي جي ??اڻهن جي ??اءِ هڪ اهم مس??لو آهي ۽ ملڪ ۾ هيلٿ انشورنس جي خدمتن جا وسيع امڪان موجود آهن ڇو ته اهي خدمتون نه رڳو موجوده خال کي ڀري سگهن ٿيون پر ضرورت جي ??قت تمام گهڻي اهميت به اختيار ڪري سگهن ٿيون. زرعي شعبي جي ??اءِ بيمي خدمتن جي ضرورت ت?? زور ڏيندي صدر چيو ته زراعت معيشت جو هڪ ٻيو اهم شعبو آهي جنهن ۾ انشورنس جون خدمتون ۽ مصنوعات محدود آهن جڏهن ته ان حوالي سان اڳڀرائي پڻ سست رفتاري جو شڪار آهي. تيزي سان ترقي ڪندڙ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز کي استعمال ڪندي عوام جي انشورنس تائين پهچ ک?? يقيني بڻائي سگهجي ??و جڏهن ته عوام جي شڪايتن ۽ فيڊ بيڪ جي ??اءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن. هن چيو ته انشورنس ڪمپنين کي عوام ۾ پنهنجو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ سخت محنت ۽ وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر انشورنس ڪمپنين جي خلاف عوامي شڪايتن جي ??قت سر حل ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته قانوني چاره جوئي بدران ثالثي جي ذريعي تڪرارن جي حل جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. ان کان اڳ وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ايف آئي او سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي روشني وجهندي ٻڌايو ته شڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيل مالياتي ريليف جو ڪاٿو 2019ع ۾ 410 ملين رپيا هو جيڪو 2022ع ۾ 2.54 ارب رپيا ٿي ويو. هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ عدالتي ڪارروائي بدران ثالثي جو طريقو اختيار ڪرڻ جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.