اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ??ي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچستان ??ي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??لوچستان ??وامي ??ارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ پاڪ ايران واپار جي فروغ جي حوالي سان ??فصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان ??لله ريڪي، روبينه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ شامل هئا.