اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مل?? ۾ ??عميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سا?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ ا??ورسيز پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سا?? ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سا?? ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سا?? گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت??ن فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سا?? ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مل?? ۾ ??يڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم م??ڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.