اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ??هرائڻ لاءِ قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پارليامين?? هائوس ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي سيشن جي حوالي سان ميمبرن پاران مختلف تجويزون سامهون آيون جڏهن ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيو ته 11 مئي سومر ڏينهن ٽي وڳي ق??مي اسيمبلي جو اجلاس ??هرايو ويندو، ان اتفاق راءِ کانپوءِ مخالف ڌر پاران خواجه محمد آصف ريڪيوزيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو به طئي ٿيو ته اجلاس جو وقت ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ تائين هوندو.