اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? جي صحت و??ري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ انشاءَ الله ڪرونا وائرس جي وبا ??ي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اڳ جي ڀيٽ ۾ مضبوط ملڪ طور اڀرندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خدا جو شڪر آهي ته ڪرونا وائرس جي ڪنٽرول ۾ مون کي پاڪستان جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ ??و موقعو مليو آهي.