اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ذيلي ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پيمرا کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن ميڊيا هائوسز ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار 500 رپين جي ا??ائ??گي ۽ نائون ويڄ ايوارڊ فوري طور تي لاڳو ڪرايو وڃي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ا??ائ??گي ۾ دير ڪندڙ اخبارن ۽ ٽي وي چينلز جي فهرست جوڙي انهن جي اشتهارن جي بندش سميت سمورا گهربل قدم کنيا وڃن، ميڊيا هائوسز ۾ ٿرڊ پارٽي ڪانٽريڪٽ سسٽم جي خاتمي لاءِ فوري قدمن ۽ آءِ ٽي اين اي جي ميمبرن جو انگ 5 ڪرڻ جي لاءِ فوري عمل ڪيو وڃي. اها هدايت چيئرمين سيد امين الحق پارليامينٽ هائوس ۾ ذيلي ڪميٽي جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪئي. سيد امين الحق ڊمي اخبارن جي حوالي سان شڪايتن ۽ پي بي اي جي رهتن جي ا??ائ??گي جي لاءِ پاليسي موجب قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر، اسيمبلي ميمبر سحر ڪامران، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ معظم ??لي خان شريڪ هئا جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران جي ايم جمالي، افضل بٽ، ناصر زيدي، آل پاڪستان نيوز پيپرز ا??نڊ اليڪٽرانڪ ميڊيا ايمپلائيز ڪنفيڊريشن جو محمد صديق نظر، نيشنل پريس ڪلب جو اظهر جتوئي، پارليامينٽ رپورٽرز ا??سوسيئيشن جو عثمان خان، راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جو شڪيل خان، طارق ورڪ، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ا??سوسيئيشن جو نمائندو باسط رياض شيخ، اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي جا نمائندا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، پيمرا چيئرمين، آءِ ٽي اين اي چيئرمين ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر ڪميٽي کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ج?? شڪايتن جي ازالي ۽ پگهارن جي ا??ائ??گي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪميٽي جي چيئرمين سيد امين الحق ڪميٽي ميمبرن جي سوالن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پيمرا کي هدايت ڪئي ته جوابن کي لکت طور ڪميٽي جي ميمبرن ڏانهن موڪليو وڃي. اجلاس ۾ صحافتي تنظيمن ۽ ايپنڪ پاران صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن، پگهارن جي عدم ا??ائ??گي، اي او بي آءِ ۾ رجسٽريشن نه ٿيڻ، ڪانٽريڪٽ مسئلن، ميڊيڪل ۽ لائيف انشورنس نه ڏيڻ ۽ پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ وفاق وانگر ميڊيا ورڪرز جي لاءِ پڻ پلاٽن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ا??سوسيئيشن جي نمائندي ڪميٽي کي يقين ڏياريو ته سمورا ميڊيا هائوسز وقت سر پگهارن جي ا??ائ??گي ڪري رهيا آهن جڏهن ته جيڪڏهن ڪ?? شڪايتون آهن ته پي بي ا?? شڪايتن جو فوري ازالو ڪندي.