اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنجاب – خيبرپختونخوا سرحد تي واقع لاکاڻي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ?? گهرو وزير محسن نقوي حملو ناڪام بڻائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏيندي چيو ته پوليس بهادري سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آه??. پنجاب ??وليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. محسن نقوي چيو ته پنجاب ??وليس هميشه جرئت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي آه??.