اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلو??، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ??يو??. وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وا??و وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وا??و وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وا??و وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويد??، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظهبي پورٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ??يو?? جنهن تي پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن خرم مرزا جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت پاڪستان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ ابوظهبي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.