اسلام آباد- 06 نومبر (اي ??ي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئ?? جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 31 آڪٽوبر تي خ??م ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 65582 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀ??ٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 64467 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 31 آڪٽوبر تي خ??م ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئ?? جي روزانو پيداوار 2737 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀ??ٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ گئ?? جي روزانو پيداوار 2694 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 31 آڪٽوبر تي خ??م ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 30582 بيرل، پي پي ايل 10620 بيرل، پي او ايل 1099 بيرل ۽ ماڙي گئ?? جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 4227 بيرل رڪارڊ ٿي آهي. ساڳئي طرح 31 آڪٽوبر تي خ??م ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گئ?? جي روزانو پيداوار 576 ايم ايم سي ايف، پي پي ايل 577 ايم ايم سي ايف ڊي، ماڙي گئ?? 755 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ پي او ايل جي گئ?? جي روزانو پيداوار 60 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.