اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موج?? صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشتگرد ملڪي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن. صدر چيو ته دهشتگرد بلوچستان کي ترقي ڪندي نه ٿا ڏسڻ چاهين. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ??اءِ دعا ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ?? جميل جي دعا ڪئي.