لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جنرل لاهور مس ماڪرسٽين ۽ وفد جي ٻين ميمبرن داتا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ مذهبي کاتي مطابق مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود سنڌو سندن داتا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪيو. ايڊمنسٽريٽر داتا درٻار ۽ عملو ان موقعي تي مو??ود هئا. آمريڪي سفير ۽ قونصل جنرل طرفان درٻار شريف تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمريڪي سفير ?? ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ڪمن بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ڪمن ۽ حضرت داتا گنج بخش جي زندگي بابت بريف ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل آمريڪي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا.