اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي مير علي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پذيرائي ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ ٻن خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا. وزيراعظم چيو ته ملڪ ??ان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.