راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي پُ??تي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دؤرو ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽيءَ جي موجوده صورتحال، دهشتگرديءَ جي خاتمي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آرمي چيف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آرمي چيف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ??راجِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي ??نهن جي سگهه وڌائڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني مدد فراهم ڪندي رهندي. آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي ??ڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ??اراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ?? ترقيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پاڪ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ فوج جي انهن جي پُ??تي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آرمي چيف شهداء جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي ??راجِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آرمي چيف جي شاندار آجيان ڪئي.