راولپنڊي ?? 07 ??? آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جماعت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، ??ماعت اسلامي سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، ??ڀاڻي (خميس) ڏينهن شام جو جماعت اسلامي سان ڳالهه ??ولهه جي وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿيندي. اها ڳالهه ??ن ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۾ جماعت اسلامي ۽ حڪ??مت?? ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڳالهه ??ولهه کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي سان اڄ مثبت ڳالهه ??ولهه ??ي آهي، ڪجهه ??عاملا لکت ۾ طئي ٿيا آهن. هن چيو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايجنڊا آهي، 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي جيڪا جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني جي لاءِ آهي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن قدمن تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، وڌيڪ معاملن تي اتفاق ٿيڻو آهي، ??ڀاڻي شام جو جماعت اسلامي سان وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿيندي. هن چيو ته اڄ ??ه ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارچ ڪرڻ جماعت اسلامي جو جمهوري حق آهي، ??ڪومت سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي سيالڪوٽ ۾ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جماعت اسلامي ۽ حڪ??مت?? ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪ??مت?? ڳالهين واري ٽيم ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪشمير معاملن ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت آر پي او راولپنڊي ۽ ڪمشنر راولپنڊي شامل هئا جڏهن ته جماعت اسلامي جي وفد جي قيادت لياقت بلوچ ڪئي. ڳالهين ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهه ??ولهه ??ي. خميس ڏينهن جماعت اسلامي سان حڪ??مت?? ڳالهين واري ٽيم جون ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.