اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ??اڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خو??هشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآر??ين??ٽر رومينه خو??شيد عالم پڻ مو??ود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز صادق چيو ته ??اڪستان جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پاڪستان جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خو??هشمند آهي. هن چيو ته ??وسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آهي، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته ??ارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز صادق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ته ??اڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز صادق جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خو??هش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو.