اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اوڀر غزه ۾ الطبين اسڪول تي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 100 ??ان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترا??ي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ ت??جم??ن چيو ته بي گهر ماڻهن کي پنا??ه ڏيندڙ هڪ پناهگيرن سان ڀريل اسڪول تي حملو، خاص طور تي جڏهن اهي فجر جي نماز اد?? ڪري رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير انساني ۽ بزدلاڻو عمل آهي. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ت??جم??ن زور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ گهرجي. ت??جم??ن چيو ته اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين ??ان مطالبو ڪيون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.