اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئين حڪومت پا??ستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پا??ستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانوي پا??ستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم د??لت مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پا??ستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا جي پرڏيهي وزير پنهنجي مدي دوران پا??ستان جي لاءِ برطانيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.