اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو، اسان کي پنهنجي نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ ل??ائڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي اهتمام هيٺ مارگلا هلز ۾ وڻڪاري مهم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد جو شمار خوبصورت ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسلام آباد اسان جو ڪيپيٽل آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن کان وڻ ۽ گاهه درآمد ڪري پنهنجي ملڪ ۾لڳائين ٿا، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن اسان کي خوبصورت گادي واري شهر سان نوازيو. هن چ??و ته مارگلا نيشنل پارڪ اسلام آباد جي سڃاڻپ آه?? جنهن تي اسان فخر ڪريون ٿا. هن چ??و ته وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ته اسان آهيون، اسان خوشنصيب آهيون ته اسان جو گهڻو وقت اسلام آباد ۾ گذري ٿو، اسلام آباد ۾ هوا جو معيار باقي شهرن کان بهتر آهي. هتي وڌ کان وڌ وڻ ل??ائڻ سان ماحول ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چ??و ته ”سيلفي ود اي ٽري“ جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد جي شهرين کي گذارش آهي ته اهي وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا لڳائين. اطلاعات واري وفاقي وزير تجويز ڏني ته وفاقي گادي واري شهر ۾ گرين روف ٽاپ پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ روف گرين ٽاپ طرف وڃي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ روف ٽاپ تي بي پناهه جڳهه موجود آهي جتي ٻوٽا ۽ وڻ ل??ائي سگهجن ٿا. هن چ??و ته گرين روف ٽاپ سان پورو اسلام آباد سرسبز نظر ايندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مارگلا نيشنل پارڪ ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جي ڪري نقصان به ٿيو پر سي ڊي اي، موسمياتي تبديلي واري وزارت، فائربرگيڊ، ٻيلن واري کاتي جي ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رات دير تائين باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون، جيڪڏهن ڪٿي ڪو تخريبڪاري جو عنصر موجود هو ته ان جي خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي. هن چ??و ته ايندڙ وقتن ۾ موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي پر ان جو 90 سيڪڙو نقصان اسان برداشت ڪريون ٿا. اسان وٽ ٻوڏ اچي ٿي، هوا جو معيار خراب ٿئي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاربن جو اخراج وڌيڪ آه?? جنهن جي ڪري ماحول کي وڌيڪ نقصان پهچي ٿو، انهن ملڪن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪن. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي پوري انسانيت جو مسئلو آهي، انسانيت ۽ مستقبل جي نسلن جي خاطر اسان کي وڌي چڙهي وڻڪاري ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ان کي قومي ذميواري ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو سمجهي سنجيدگي سان سرانجام ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت ٻين جاين تي وڻڪاري مهم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ جي حفاظت ڪرڻ به اسان جي ذميواري آهي. اسلام آباد جا شهري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته ”ٽريڪ يور ٽري“ جي نالي سان جلد ايپلي ڪيشن لانچ ٿيندي، ان جي ويب سائيٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان ايپلي ڪيشن ذريعي شهري پنهنجي لڳايل ٻوٽي ۽ وڻ جي واڌويجهه ڏسي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي بقاءَ وڻن سان آهي، اسان کي وڻ ل??ائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت اسلام آباد جي ماحول کي صاف رکڻ ۽ اتي وڌ کان وڌ وڻ ل??ائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چ??و ته هر شهري جي ذميواري آهي ته هو وڻ ل??ائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي چيو ته اها ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز ۾ خصوصي پروگرام جو اهتمام ڪري ته جيئن عوام ۾ وڻ ل??ائڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن چ??و ته ميڊيا معاشري جي ذهن سازي ڪري ٿي ۽ معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي. سمورا ٽي وي چينلز پنهنجي آفيسز ۾ ٽري پلانٽيشن مهم جي شروعات ڪن. جيڪڏهن انهن وٽ جڳهه نه آهي ته ان جي لاءِ هتي جڳهه مخصوص ڪئي ويندي. سڀئي ٽي وي چينلز هتي اچن ۽ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن. هن چ??و ته جيڪڏهن ان ڪم کي تيزي سان نه ڪيو ويو ته خدا نه ڪري هڪ وقت ايندو اسان کي ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن سيلينڊر کڻڻا پوندا. هن چ??و ته ڪوويڊ 19 جي دوران سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي آبهوا کي صاف رکون، وڌ کان وڌ وڻ ل??ايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻايون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي تجويز ڏي ٿو ته اهي هر وزارت ۾ وڻ ل??ائڻ جو شيڊيول تيار ڪن جتي ماڻهن کي وڻ ل??ائڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي.