اسلام آباد -14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سردار اظ??ر خان لغاري ۽ سردار ارشد خان لغاري جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم بيگم سردار غلام صفدر خان لغاري جي لاڏاڻي تي سردار اظ??ر خان لغاري ۽ سردار ارشد خان لغاري سميت لغاري برادري جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته والده جهڙي شفيق هستي جو وڇڙڻ تي تمام گهڻو ڏک ??هي. وزيراعظم شهباز شريف مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.