اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن سندون پيش ڪيون ۽ جدا جدا ملاقات ڪئ??. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو کڻن، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿ??. هن چيو ته پاڪستان اقتصادي تعاون وڌائڻ، دوست ملڪن سان واپاري ڪاٿي کي ڀرپور صلاحيت موجب وڌائڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿ??. صدر اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ ج?? لاءِ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري سفيرن کي پاڪستان ۾ بط??ر سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئ?? ته نامزد سفير گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.