شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ڪمپني ٽرانشيئن ه??لڊ??گ پاڪستان ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن ه??لڊ??گز پاڪستان ۾ مقامي سطح تي شيون تيار ڪري انهن کي پاڪستان مان ٻاهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني ٽرانشيئن ه??لڊ??گز جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جيانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد ا??رنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير کي ٽرانشيئن ه??لڊ??گز سان گڏجي ج??د هڪ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جي نوجوان افرادي قوت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن ه??لڊ??گز جي چيئرمين وزيراعظم کي ڪمپني ج?? پاڪستان ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ج?? منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن ه??لڊ??گز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني ج?? پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي تياري ج?? حوالي سان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم آهي ج??هن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي حوالي سان پنهنجي سيڙپڪاري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي ج??هن سان موبائيل فونز جي تياري کانپوءِ پاڪستان مان انهن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.