اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ روزگار جي ??راهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ??اءِ حڪومت هر قسم جي ??عاونت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشروبات ٺاهيندڙ عالمي ڪمپنين جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??وڪ?? ڪولا پاڪستان ۽ افغانستان جي ??ائب صدر وولڪان اونگچ، سي اي او پيپسي ڪو پاڪستان ۽ افغانستان محمد کوسا جي ??يادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??ملدار پڻ موجود هئا. وفد جي ??يمبرن وزيراعظم جي ??يادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد آگاهه ڪيو ته عالمي مشروبات ٺاهيندڙ ڪمپنين جا پاڪستان ۾ 25 جي ??ڳ ڀڳ ڪارخانا آهن جن ۾ 1 لک 30 هزار ماڻهن ک?? سڌوسنئون روزگار فراهم ڪيو وڃي ٿو. وفد وزيراعظم کي ڪمپنين پاران ملڪ ۾ ري سائيڪلنگ جي سڀ کان وڏي نظام جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻڌايو ويو ته اهي ڪمپنيون ملڪي خزاني کي ٽيڪس جي ??د ۾ هر سال وڏو حصو ادا ڪن ٿيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي ملڪ ۾ روزگار جي ??راهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ??اءِ حڪومت هر قسم جي ??عاونت فراهم ڪري رهي آهي. اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي ڪمپنيون ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (CSR) تحت سرگرمين سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي عالمي ڪمپينن جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ انهن جي ??سئلن جو حل جلد پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي.