لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان س??وس لان?? مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جين يانگشينگ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران س??وس لان?? مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپن?? پاڪستان ۾ 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. س??وس لان?? مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپن?? پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهندي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم س??وس لان?? مارچ ٽائرز ج?? پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تار?? پڻ شريڪ هئا.