اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??ن فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموا?? ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموا?? ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته ??دالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آ??ي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته ??ستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته ??يئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگ??ي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.