رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ عالمي عدم برابري کي اوليت ۽ سڀ کان اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو آهي، ته صحت جي ميدان ۾ عالمي سطح تي ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪ ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪن وچ ۾ وڌندڙ فرق کي ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪ??تا?? ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي، حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم اهڙو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي صحت جي شعبي ۾ فرق جي خاتمي جي موضوع تي ڳالهائيندي ڪي??. بحث کي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊ روس ايڊهينم گبرائسس، ڪنگ سلمان، هيومنٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر جي سپروائيزر جنرل ڊاڪٽر عبدالله الربيعه ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي نمائندي انتيا زيدي پڻ خطاب ڪي??. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ صحت جي شعبي ۾ عالمي عدم برابري وڏو مسئلو آهي، ڪووڊ-19 وبائي مرض صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ويڪسين جي ورهاست جي معاملي ۾ گلوب سائوٿ ۽ گلوب نارٿ وچ ۾ وڏي پئماني تي موجود خال کي بي نقاب ڪي??.هن چيو ته 2003ع ۾ جڏهن هو سعودي عرب ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو، تڏهن ان کي ڪي??سر جو مرض ٿيو ۽ ان جي علاج لاءِ نيويارڪ ويو ته اتي هزارين ڊالر علاج تي لڳا، تڏهن هن سوچيو ته ايترو مهانگو علاج برداشت ڪرڻ جي ماڻهو صلاحيت نه رکندا هئا، خوشقسمتي سان جڏهن هو صحتياب ٿي پاڪ??تا?? آيو ۽ پنجاب جي وڏ وزارت جي من??ب تي فائز ٿيو ته ان وقت پنجاب ۾ ڪڊني ڪي??سر ۽ جگر جي مرضن جي علاج لاءِ ادارا ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪي??. پنهنجي محدود وسيلن ۾ رهندي، پنهنجي عوام کي صحت جي فراهمي جو عزم ڪي??، وڏي وزير طور پنهنجي صوبي ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض جي علاج جون سهولتون پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ به فراهم ڪي??ن. سٽي اسڪين جهڙيون سهولتون ڏنيون، لاهور ۾ ڏکڻ ايشيا جي بهترين ڪڊني اسپتال ٺاهي، چين ۽ ڀارت وڃي ايترو مهانگو علاج ڪرائيندڙن کي هتي اها سهولت ڏني. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي عالمي من??رنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ??تا?? جو شمار ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن ۾ سڀني کان مٿي آهي، انهي ڪري ماحولياتي آلودگي ۾ ان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي ۽ ان جي ريڊ لسٽ ۾ آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ ماحولياتي تبديلين سبب پاڪ??تا?? ۾ شديد ٻوڏ آئي جنهن زراعت ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪي??. 100 ارب رپين کان وڌيڪ بحالي تي خرچ ٿيا، ان وقت پرڏيهي امداد جي ضرورت هئي جڏهن ته مهانگا قرض مليا، ڇا پٺتي پيل ملڪ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي اهليت رکن ٿا؟ هن چيو ته 2011ع ۾ پنجاب ۾ ڊينگي جو مرض سامهون آيو ته سڄي دنيا مان ماهر گڏ ڪري ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ان مان نجات حاصل ڪئي ۽ ماڻهن جون زندگيون بچايون، هن چيو ته ڪنگ سلمان فائونڊيشن صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن خادم الحرمين الشريفين، سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي صحت جي شعبي جي حوالي سان قدمن جي خاص تعريف ڪئي. هن چيو ته سعودي فرمانروا ۽ سعودي ولي عهد پنهنجي قدمن سان ڏکويل انسانيت جي مدد ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم بل گيٽس فائونديشن جي پاڪ??تا?? ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قدمن تي شرڪت ڪندڙن ۾ موجود بل گيٽس کي خاص خراج تحسين پيش ڪي??. هن چيو ته اهڙي موقعي تي جيڪڏهن مان بل گيٽس جي پاڪ??تا?? ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ قدمن جو ذڪر نه ڪيان ته اها من??فاڻي ڳالهه نه هوندي. هن چيو ته سال 2022ع ۾ جڏهن پاڪ??تا?? ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ تباهي ڪئي ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ پاڪ??تا?? حڪومت پنهنجون ڪوششون جاري رکيون ۽ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا فراهم ڪيا. هن چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي ط??ح پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين ته جلد پاڪ??تا?? مان پوليو جو خاتمو اچي ويندو. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. ٻار ۽ ماءُ جي فوتگين جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته 54 ملڪ هن وقت به ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ ۾ تمام پٺتي اهن. جڏهن ته 4 ارب 90 ڪروڙ ماڻهن کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن. ٻين شرڪت ڪندڙن چيو ته دنيا ۾ تڪرار وڌي رهيا آهن جيڪي صحت جي شعبي جي ضرورتن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن.