مظفر آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ي جدوجهد ۾ ڪشميرين س??ن گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ملاقات ۾ ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي پاڪستان پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ي جدوجهد ۾ اسان انهن س??ن گڏ بيٺل رهنداسين. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته اڄ توهان جو برساتن کان متاثر ماڻهن س??ن ملاقات جي لاءِ هتي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن س??ن گڏ ڌ??ڪي ٿي.