اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جڏهن ??ه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان الوداعي مل??قات ٿي. هٿياربند فوج جي دستي پاران نگران وزيراعظم جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي ترانو پڻ وڄايو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ هٿياربند فوج جي دستي پاران گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس جي عملي سان الوداعي هٿ مل??يو. ان کا?? اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آفيس پهتو ??ه عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سندس شاندار استقبال ڪيو. هن نگران وزيراعظم سان الوداعي مل??قات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نگران وزيراعظم کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ کا??پوءِ وزيراعظم هائوس مان رخصت ڪيو.