اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪا??ين?? جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪا??ين?? دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور محمد عاطف هاشم جي ٽيڪنيڪل پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس بورڊ ۾ ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو 19 جولاءِ 2023ع کان لاڳو هوندو. وفاقي ڪا??ين?? گهرو وزارت جي سفارش تي نادرا جي آرڊر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل ڪيٽيگري اي جي آڊٽ فرم جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ کليل واڪن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان فيصلي سان وفاقي ڪا??ين?? جي 2019ع جي ڪيل فيصلي ۾ ترميم ڪئي وئي. جنهن موجب نادرا جي آڊٽ جي لاءِ رڳو 4 وڏين ۽ مشهور آڊٽ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري سگهيون پئي. ڪا??ين?? کي ??ڌايو ويو ته نادرا جي آڊٽ کي ??ڌيڪ موثر، شفاف ۽ عالمي معيار موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رجسٽرڊ سڀئي آڊٽ فرمز کي ??ادرا جي آڊٽ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وفاقي ڪا??ين?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش تي ”سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان“ جي منصوبي کي بطور قومي ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (nCERT) چونڊڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪا??ين?? کي ??ڌايو ويو ته سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان جو منصوبو قومي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل آهي ۽ ان تي ڪم اڳ کان جاري آهي. وفاقي ڪا??ين?? کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سي ڊي اي مل??زمن کي ??لاٽن جي الاٽمينٽ پاليسي پيش ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب سي ڊي اي کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو هو ته مل??زمن کي رعايتي اگهن تي پلاٽ ڏيڻ سان سي ڊي اي جي آمدني ۾ ڪهڙو فرق ايندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ قيمتي زرعي زمين جو استعمال ڪرڻ بدران وڏين عمارتن جي تعمير تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي گهر مهيا ٿي سگهن ۽ جلد کان جلد ان ڏس ۾ پاليسي جوڙي وڃي. ڪا??ين?? الاٽمينٽ جي پيش ڪيل پاليسي تي فيصلو مل??وي ڪري ڇڏيو. وفاقي ڪا??ين?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عا??لن واري وزارت جي سفارش تي ايڊاپٽيشن ايڪٽ جي سيڪشن 5 (2) ۾ ترميم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ترميم تحت ان سيڪشن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي جڳهه آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي پاران موبائيل فون نيٽ ورڪ اسپيڪٽرم جي لائيسنس فيس ۽ تجديد فيس آزاد حڪومت رياستي ڄمون ۽ ڪشمير کي ??نتقل ڪري سگهجي. وفاقي ڪا??ين?? پرائيويٽائيزيشن ڪميشن بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق مل??وي ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ين?? قانونسازي بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 31 جنوري ۽ 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.