اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ملڪ کي معيشت سميت مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد ڪريون ٿا ته سياسي پارٽيون انهن مسئلن جو ادراڪ ڪندي انهن چئلينجز جي حل کي پنهنجي منشور جو حصو بڻ??ئينديون، پريس ??نفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪي صورتحال کي بهتر بڻ??ئڻ جون مثبت تجويزون ڳولڻ جي لاءِ هڪ بحث جي شروعات ڪئي آهي جيڪو خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظر??ام?? ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان پريس ??نفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ سيمينارز جي تسلسل جي چوٿين سيمينار کي افتتاحي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته عام چونڊن جي حوالي سان ڌرين کي سيمينارز جي ذريعي پنهنجي راءِ پيش ڪر?? جو موقعو فراهم ڪر?? تي پريس ??نفارميشن ڊپارٽمينٽ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، انهن سيمينارز جو بنيادي مقصد نه رڳو آگاهي فراهم ڪر?? آهي پر ماڻهن کي اعتماد سان ڳالهه ڪر?? جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪر?? آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته انهن سيمينارز جو بنيادي مقصد نه رڳو عوام کي آگاهي فراهم ڪر?? آهي پر سياسي پارٽين ۽ ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي اعتماد سان ڳالهه ڪر?? جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪر?? پڻ آهي. هن معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ ميڊيا جي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪي سياسي منظر??ام?? تي گهري نظر رکي ٿي، ميڊيا کي به گهرجي ته اها ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍڻ جي لاءِ هن فورم جي ذريعي پنهنجي قابل عمل تجويزون پيش ڪري ته جيئن سياسي پارٽيون عوام کي اهڙي حڪمت عملي ڏئي سگهن جيڪا ملڪ کي مسئلن جي ڌُٻڻ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. هن چئلينجز تي ضابطو آڻي ملڪي صورتحال کي بهتر بڻ??ئڻ جا طريقا ڳولڻ جي لاءِ هڪ مباحثي جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ چيو ته چئلينجز جي باوجود پي آءِ ڊي ملڪي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي مقصد سان سيمينارز جو انعقاد ڪيو آهي جنهن تي پي آءِ ڊي ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. واضح رهي ته پريس ??نفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ منعقد سيمينارز ۾ مختلف سياسي پارٽيون شرڪت ڪري رهيون آهن ۽ ميڊيا جا نمائندا ۽ تعليمي ماهر به مباحثن ۾ شرڪت ڪري پنهنجون تجويزون پيش ڪري رهيا آهن.