اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سف??رت??انن ۽ مشنز کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪيا وڃن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني وڃي. اها هدايت هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جي هائي ڪمشنر ڊاڪٽر مح??د فيصل سان ڳالهائيندي ڪئي جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مسعود خان ۽ ڊاڪٽر مح??د فيصل نگر??ن وزيراعظم کي پنهنجي مشنز جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگر??ن وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايت ورتيون. نگر??ن وزيراعظم ٻنهي سفارتڪارن کي پنهنجي مشن ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي موثر طور تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم ٻنهي سفارتڪارن کي عالمي سطح تي معاشي حصيداري جي نئين ۽ منفرد موقعن جي نشاندهي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتڪار ايس آئي ايف سي جي پليٽ فارم تحت شروع ڪيل منصوبن جي لاءِ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪن. هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قومي اثاثو آهن، پاڪستاني سف??رت??انا اوورسيز پاڪستانين کي قونصلر جي سطح تي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. نگر??ن وزيراعظم هدايت ڪئي ته اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني وڃي.