اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، انهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ ص??اح??تن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏيڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ا??ٽو?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ا??ٽو?? جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر م??تا?? احمد علي، سم??جي ڪارڪن ۽ خصوصي ماڻهو شامل هئا. وفد صدر کي معذور ماڻهن جي مخصوص ضرورتن ۽ مسئلن بابت ٻڌايو. صدر معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ بازارن ۽ عوامي جاين تي استعمال جوڳا ريمپس تعمير ڪرڻا پوندا. هن خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنال??جي تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي زور ڏيندي چيو ته انهن جي علم ۽ معلومات تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنال??جي جي مدد ورتي وڃي. صدر چيو ته معذور ماڻهن طرف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ ص??اح??تن ۽ معذوري جي حساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنر ۽ قرضن جي فراهمي آسان بڻائڻي پوندي.