اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??يپٽمبر ۾ ڀارتي فوج 13 ڪشميرين کي عدالت کان مٿ??نهون قتل ۽ 157 شهرين ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گرفتار ڪيل اڪثر ماڻهن خلاف قابض عملدارن لاڳو ڪيل ڪا??ي قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ايڪٽ (يو اي پي اي) جي سخت قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا هئا. هن چيو ته ??هڙن جابراڻي قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ گهرجي ته ??يئن ڪشميري عوام آزادي سان پنهنجي خودمختياري وارو حق استعمال ڪري سگهن.